سکر: برسات ايمرجنسي دوران خاڪروبن پاران رهواسين کان غيرقانوني پئسا وصول ڪرڻ، ڊپٽي ميئر پاران سخت ڪارروائي جو اعلان
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ )مينهن ايمرجنسي دوران صفائي ڪندڙ خاڪروب رهواسين کان پئسا وٺڻ لڳا خبر موجب سکر ڊپٽي ميئر سکر ڊاڪٽر ارشد مغل چيو آهي ته اهي خاڪروب، جيڪي بارش ايمرجنسي جي نالي تي ماڻهن کان غيرقانوني طور پئسا وٺي رهيا آهن، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. رپورٽن موجب ڪيترن ئي خاڪروبن نالن ۽ رستن مان ڪچرو ڪڍڻ جي سروس کي ذاتي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي.
سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي سجاد نور چيو آهي ته علائقي واسين کي اهڙن خاڪروبن کي بلڪل به پئسا نه ڏيڻ گهرجن، ۽ جيڪڏهن ڪو به ماڻهو انهن خلاف ثبوت فراهم ڪري ته هو فوري طور ڪارروائي لاءِ تيار آهي. تفصيل موجب، ميئر بئريسٽر ارسلان شيخ جي هدايت تي سکر شهر جي ٽنهي تعلقن ۾ برسات دوران نيڪال جو نظام فعال رکڻ لاءِ وڏي رقم سان ڊي سلٽنگ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو، پر ڪجهه خاڪروبن ان کي آمدني جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي.
يونيئن ڪائونسل 2 پراڻو سکر، بلال چوڪ، تانگا اسٽينڊ، جنات بلڊنگ، شاهي بازار، حسن چوڪ، ۽ بکر چوڪ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ خاڪروب گهر گهر وڃي ماڻهن کان 100 کان 500 رپيا تائين پئسا وٺي رهيا آهن. رهاسين مطالبو ڪيو آهي ته بلدياتي عملو فوري ڌيان ڏئي، نالن مان مٽي ۽ ڪچرو ڪڍي نيڪاسي جو نظام بهتر بڻائي، ته جيئن شهري وڌيڪ تڪليفن کان بچي سگهن.
جُولاءِ 20, 2025