ابراهيم حيدري ۾ پوليس جي ڪامياب ڪارروائي: صحت لاءِ هاڃيڪار گوشت وڪرو ڪندڙ ٻن ڪارندن جي گرفتاري
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ابراهيم حيدري پوليس جي ڪارروائي، ملير ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار گوشت وڪرو ڪندڙ گروهه جا ٻه ڪارندا گرفتار ابراهيم حيدري پوليس ڪارروائي ڪندي جمعه گوٺ واري علائقي مان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان وڏي مقدار ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار گوشت هٿ ڪيو ويو آهي ايس ايس پي ملير موجب،
گرفتار ٿيل جوابدارن کان 75 ڪلوگرام کان وڌيڪ خراب ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار گوشت هٿ ڪيو ويو جيڪو هو مختلف هوٽلن تي سپلاءِ ڪندا ڪيو ويندو هو گوشت جي لاءِ استعمال ٿيندڙ لوڊر رڪشو به ضابطي هيٺ پنهنجي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ حمزه ۽ مصطفيٰ جي نالن سان ٿي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي جاري آهي.
جُولاءِ 20, 2025