نوابشاهه ۾ بيٽري چوري ۽ پوليس جي لاپرواهي خلاف پورهيت جو احتجاج، رڪشو ساڙي ڇڏيو، پاڻ کي ساڙڻ جي ڪوشش
نوابشاھ (رپورٽ: عبدالفتاح رند ) رڪشي مان مسلسل بيٽريون چوري ٿيڻ ۽ پوليس پاران سندس ازالو نه ڪرڻ خلاف دولت ڪالوني جو رھواسي رڪشا هلائيندڙ پورھيت سجاد ملاح ايئرپورٽ ٿاڻي جي سامھون رڪشا کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ پاڻ کي به ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي موجود شهرين کيس بچائي ورتو
پورھيت ٻڌايو ته ٽيون ڀيرو منهنجي رڪشي مان بيٽري چوري ٿي آهي هن چيو ته مان غريب پورهيت سڄو ڏينهن رڪشو هلائي مشڪل سان پنهنجي گهر ۽ ٻچن جو گذر سفر ڪندو آهيان جڏهن ته ان سلسلي ۾ ٿاڻي تي ويس ته پوليس داد رسي ڪرڻ بجاءِ ٿاڻي تان ڊوڙائي ڇڏيو جنھن کانپوءِ مايوس ٿي رڪشي کي باھ ڏئي ڇڏي ۽ پاڻ کي به ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
ٻئي طرف ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته بيٽري چوري جو مسئلو نه آھي رڪشا کي باھ ڏيندڙ شخص ۽ والد جو پاڻ ۾ جھيڙو ٿيو آھي
جُولاءِ 20, 2025