دادو: پير عبدالرشيد جي چهلم تي خيرات ۽ پڳ پوشي جي تقريب، پير نواز علي کي پڳ پارائي ويئي

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو جي پير جو ڳوٺ يونين ڪائونسل پير شاھ نواز ۾ سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ پير الاهي بخش جي صاحب زاده مرحوم پير عبدالرشيد جي چهلم جي خيرات جي تقريب منعقد ٿي ٖ ان جي موقعي تي روايتي پڳ پارائڻ پڳ پوشي جي رسم ادا ڪئي ويئي،

جنهن ۾ سندن صاحبزاده پير نواز علي کي باقاعدي طور تي پڳ پارائي ويئي ٖ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي، بئريسٽر پير مجيب الحق پنهنجي خاندان جي هن پڳ پوشي جي تقريب ۾ هر مڪتبه فڪري وڏي تعداد ۾  شرڪت ڪئي، هن نيڪ ماڻهن علامتي طور تي پڳ جا وار ڏنا ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ ايصالِ ثواب لاءِ دعائون ڪيون ويون،

جُولاءِ 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو