ڏوڪري لڳ سگهڙ ڪچهري، تقريب ۾سگھڙن ڏات جا ڏيئا روشن ڪيا
ڏوڪري ( رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان سگهڙ ڪچهري، سگھڙن ڏات جا ڏيئا روشن ڪيا، صوفياڻو راڳ رنگ تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان ڪانپور ۾ ناليواري سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو جي ياد ۾ غلام رسول مڱريو جي اوطاق تي سگهڙ ڪچهري منعقد ڪئي وئي،
جنهن ۾ سول ايويئيشن موهن جو دڙو ايئرپورٽ جي عملدار رفيق احمد چانڊيو ، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پروفيسر ۽ ليکڪ عبدالغفور مصور چانڊيو صحافي ليکڪ اسد ٻگھيو، سگهڙ ممتاز عباسي، روشن علي ڪوري، اعظم مڱريو، نور احمد، غلام شبير عباسي ،مشتاق مڱريو، انور علي مڱريو، آزاد مڱريو، عجيب مڱريو، عبدالغفار، محب علي، طفيل احمد مڱريو، محمد اقبال، حاجي عبدالرزاق مڱريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي سگهڙن سگهڙاڻو فن پيش ڪري ڏات جا ڏيئا روشن ڪيا صوفياڻو راڳ رنگ به ٿيو غلام عمر مڱريو، زاھد حسين ، نادر علي ۽ ٻين فنڪارن سروکيريا.
ان موقعي ساڃاهه وند ڌرين جو چوڻ هو ته سگهڙن وٽ ٻوليءَ جو خزانو موجود آهي سنڌي لوڪ ادب ۾ صدين جي تهذيب جو پڙاڏو آھي، لوڪ ادب جي هوندي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي ڪوبه خطرو ناهي،
سگهڙائپ جو فن ٻولي جو خزانو آھي جنهن ۾ مظلومن جو آواز، پورهيتن جو درد ۽ قومي محبت توڙي ايڪي اتحاد واري پيغام جو سمنڊ سمايل آھي،
هنن چيو ته پيرل مڱريئي جو قلمي پورهيو سماجي بڇڙاين ۽ ڏاڍ ڏمر جهڙين قهري ڪاررواين کي روڪڻ سميت مسڪين مزدور ۽ پورهيتن جو آواز آھي، جيڪو اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجي رهيو آھي.
جُولاءِ 2, 2023