هاڪي ۾ ڳالهين سان بهتري نه ايندي، پهرين رهتون ادا ڪيو: عماد بٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي هاڪي ٽيم جي ڪپتان عماد بٽ چيو آهي ته هاڪي ڳالهين سان نه پر سهولتن سان ٺيڪ ٿيندي، فيڊريشن اڃا تائين اسان جون رهتون ادا ناهن ڪيون.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عماد بٽ چيو ته ايشيا ڪپ لاءِ تياريون سٺي نموني جاري آهن، ايشيا ڪپ اسان لاءِ اهم ٽورنامينٽ آهي ۽ ورلڊ ڪپ جو ڪواليفائنگ رائونڊ به آهي.
هن چيو ته ايشيا ڪپ ۾ شرڪت بابت پاڪستان هاڪي فيڊريشن حڪومت سان ڳالهايو آهي، جيڪو فيصلو ٿيندو اهو قبول ڪنداسين، پر هن وقت ڀارت وڃڻ اسان لاءِ خطري کان خالي ناهي.
عماد بٽ چيو ته فيڊريشن کي پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ گهرجن، اسان وٽ اهڙو بيڪ اپ موجود آهي جو ڪنهن به ٽيم کي شڪست ڏئي سگهون ٿا، سهولتون بهتر ٿيڻ گهرجن ۽ وزيراعظم کان مطالبو آهي ته ڊپارٽمينٽل ٽيمون بحال ڪيون وڃڻ ته جيئن رانديگرن کي روزگار ملي.
هن چيو ته رانديگرن جي بغاوت بابت افواهون آهن پر اڃا ڪا به حتمي ڳالهه ناهي، فيڊريشن طرفان به ڪو رابطو يا پيغام ناهي آيو.
عماد بٽ پنهنجي آڊيو ليڪ بابت چيو ته آڊيو ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي درست آهن ۽ انهن تي قائم آهيان، رانديگرن سان ٿيل واعدن کي پورا ڪيو وڃي، ضرورت پئي ته ٻيهر به اهڙي ڳالهه ڪندس.