جهاز سان پکي ٽڪرائجي ويو، ” الله بچايو آهي“: قيصر نظاماڻي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي نجي ايئر لائين جي جهاز سان پکي ٽڪرائجي ويو، جهاز ۾ ٽي وي جي ناليوارو اداڪار قيصر نظاماڻي به سوار هئا.
ايئرپورٽ ذريعن موجب، نجي ايئر لائين جي پرواز لاهور کان ڪراچي رواني ٿي رهي هئي ته ٽيڪ آف دوران پکي ٽڪرائجي ويو، جنهن بعد پائلٽ ٽيڪ آف ملتوي ڪري جهاز کي رن وي تي ئي روڪي ڇڏيو.
قيصر خان نظاماڻي ٻڌايو ته الله جي ڪرم سان حادثو ٽري ويو، جڏهن ته پائلٽ جي حاضر دماغي سبب جهاز وڏي حادثي کان بچي ويو.

جُولاءِ 20, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو