وڳڻ ٽائون ۾ ترقياتي ڪم بند، گندگي ۽ بيٺل پاڻي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو (وڳڻ ٽائون ۾ ترقياتي ڪم بند، ڳوٺاڻا سراپا احتجاج وڳڻ ٽائون جي مختلف ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ صفائي جي خراب صورتحال خلاف ڳوٺاڻا ۽ شهري سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن. ڳوٺ ٻانھون خان مغيري جي رهواسين شاهه غازي مغيري، غلام مرتضى مغيري، اعجاز علي مغيري، نثار احمد مغيري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي شڪايت ڪئي ته وڳڻ يوسي کي ٽائون جو درجو ملڻ باوجود سندن ڳوٺ ۾ هڪ روپئي جو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو،
ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته نيڪال جو ڪو به مناسب انتظام نه هجڻ سبب گهرن جي اڳيان گندو پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته گندگي سبب ڳوٺ ۾ بيماريون پکڙجي رهيون آهن. رستا ناهموار ۽ خستہ حال هجڻ سبب ماڻهن کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پيو پوي،هوڏانهن شھرين منور علي پنھور، ممتاز علي وڳڻ، حافظ غلام مصطفي عباسي، عاشق چانڊيو ۽ انيس خاصخيلي به ٽائون جي صفائي سٿرائي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته هر مهيني 65 لک رپين جي بجيٽ جاري ٿيڻ باوجود شهر جي حالت بهتر نه ٿي سگهي آهي،
انهن جو چوڻ هو ته شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي گندگي جا ڍير لڳل آهن، ٽائون انتظاميا کي بار بار اطلاع ڏيڻ باوجود عملي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي، جنهن سبب دڪاندارن جا ڪاروبار متاثر ٿي رهيا آهن،احتجاج ڪندڙن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر برهان خان چانڊيو ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر عامر مگسي کان مطالبو ڪيو ته هو تڪ جي ماڻهن کي بنيادي سهولتون مهيا ڪن ۽ ٽائون جي صفائي واري نظام کي بهتر بڻائي ماڻهن مان بيچيني ختم ڪن،
جُولاءِ 19, 2025