نواب شاهه: لاشاري برادري جي ٻن نوجوانن جي قتل خلاف وارثن جو احتجاج، انصاف جو مطالبو
نواب شاه( رپورٽ: عبدالفتاح رند)تعلقي قاضي جي ڳوٺ نئوتڙ لاشاري جي رھواسين محم ياسين لاشاري پنھجي والد سھراب لاشاري ڏاڏو لاشاري اعظم لاشاري ۽ ٻين نواب شاهه پريس ڪلب اڳيان ، ھٿن ۾ بينر کڻين سخت احتجاج ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ، 22 مارچ 2025 جي ڏينھن سرعام لياري اسٽاپ جي رند مارڪٽ م لاشاري برادري جي ستن ھٿيار بند جوابدارن غلام قادر ماروف شوڪت ، ولد حادي بخش لاشاري ، منٺار آصف عنايت ولد محرم لاشاري ، ۽ لطيف ولد محمد بخش بنا ڪنهن ڏوھ جي ھٿيارن جا منھن کولي اسان جي ٻن ڳبرو نوجوانن محراب ولد يامين ۽ ڪريم بخش ولد سائين بخش کي سرعام قتل ڪري ڇڏيو ، جڏهن ته عبدالمجيد سھراب شديد زخمي ٿي پيا ،
قتل جي ايف آر داخل ھئڻ باوجود پوليس صرف ٻن جوابدارن غلام قادر عبدللطيف کي گرفتار ڪيو آهي ، ٻيا جوابدار سرعام قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ، ھنن صدر آصف علي زرداري فريال ٽالپر آءٌ جي سنڌ ء ايس ايس پي شھيد بينظير آباد شبير احمد سيٺار کان مطالبو ڪيو ته سمورن نامزد جوابدارن کي فوري طور عبرت ناڪ سزائون ڏنيون وڃن اسان کي تحف انصاف فراھم ڪيو وڃين
جُولاءِ 19, 2025