ڊاڪٽر مهيش ملاڻي پاران عبرت آفيس تي حملي جي مذمت، صحافت تي وار قرار

Spread the love

مٺي(ڊ-ر) پ پ پ ايم اين اي ۽ ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي عبرت آفيس ڪراچي تي ٿيل دهشت گردانه حملي کي بزدلانه حرڪت قرار ڏيندي ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.

 سنڌ امر سان ڳالھائيندي هن چيو ته عبرت اخبار سدائين عوامي مسئلن کي اجاگر ڪيو آھي ۽ ذميواراڻي صحافت جو مظاهرو ڪيو آھي. هن چيو ته اها غنڊه گردي صحافت تي وار ۽ سنڌ حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ ويڇا وڌائڻ جي هڪ سازش آھي جيڪا ناڪام ويندي ۽ سنڌ حڪومت هن حرڪت ۾ ملوث جوابدارن کي ضرور وائکو ڪندي.

جُولاءِ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو