پاٽ شريف پوليس جي ڪارروائي: ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ، ڦورو اونداهين جو فائدو وٺي فرار
ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ:غلام حيدر پنھور )پاٽ شريف پوليس پاران ڳوٺ پلها پوليس پڪٽ وٽان گزريل رات دير سان چيڪنگ دوران هڪ مهينو پهريان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعواه ، جڏهن ته اوندھ جو فائدو وٺندي ڦورو فرار ٿي ويا ،
رابطي تي انچارج پوليس پوسٽ پاٽ شريف علي اڪبر چانڊيو ٻڌايو ته گزريل رات دير سان ڳوٺ پلها پڪٽ وٽ سنيپ چيڪنگ ڪري رهيا هئاسين ته هڪ موٽر سائيڪل تي سوار ڦورو اسانکي ڏسي گاڏي واپس موٽائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي اهڙو اطلاع ايس ايڇ او رڪڻ کي ڏنو سين جنهن وڌيڪ نفري موڪلي ڏني جنهن کانپوء ڦورن جو پيڇو ڪيو سين ته موٽر سائيڪل سوار ڦورو موٽر سائيڪل فٽي ڪري اوندھ جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا ،
هن چيو ته هٿ آيل موٽر سائيڪل جي جاچ ڪرڻ کانپوء خبر پئي ته ڪجھ ڏينهن پهريان عنايت شاه موڙ وٽان سيتا وليج واسي سومرا براري جي معزز محمد صالح سومرو کان ڦر ڪئي وئي هئي جنهنجي مڪمل جاچ ڪرڻ کان پوء موٽر سائيڪل مالڪ حوالي ڪري ڇڏي آھي معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آھي ، علائقي مان ڏوهارين جو خاتمو چاهيون ٿا
جُولاءِ 19, 2025