سينيئر صحافي حميد سنڌو جي اوچتي وڇوڙي تي صحافتي برادري ۾ سوڳ، تعزيت ۽ دعا جو اظهار
سکر(بيورورپورٽ) ڪراچي ۾ سينيئر صحافي حميد سنڌو جي اوچتي وڇوڙي واري خبر سڄي صحافي برادري ۾ ڏک جي لهر پکڙي ڇڏي آهي پير ڳوٺ لڳ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ حميد سنڌو سکر ۽ڪراچيءَ ۾ مختلف اخبارن ۾ رپورٽر کان سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو هينئر پنهنجي اخبار ڪراچي هيڊ آفيس ۾ سينيئر سب ايڊيٽر طور ڪم ڪري رهيو هو
سکر جي صحافين عمر سومرو، امداد بوزدار ،مجيد نواز مغل،ارشاد پيرزادو، فقير مشتاق منڱريو, يار محمد سومرو، اظهر دايو،شڪيل عاجز، عبيد الله شيخ، محمد رضوان صديقي،مجيب ورند ۽ ٻين حميد سنڌو جي وڇوڙي تي گهري ڏک ۽ گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي ان جي مغفرت لاء دعا گهري آهي
جُولاءِ 19, 2025