بابر ۽ رضوان ورلڊ ڪلاس پليئر آهن، پر اسان جارحاڻي ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهيون ٿا: سلمان علي آغا

Spread the love

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته ٽيم تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ناهي ۽ سمورو ڌيان بنگلاديش خلاف سيريز ۾ سٺي ۽ هاڪاري ڪرڪيٽ کيڏڻ تي کتل آهي.
ڍاڪا ۾ پريس ڪانفرنس دوران سلمان علي آغا، بابراعظم ۽ محمد رضوان کي ورلڊ ڪلاس ڪرڪيٽر قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي هميشه پاڪستان لاءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي فارميٽ هر ڇهين مهيني ۽ هر سال سان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ اسان ان بدلجندڙ فارميٽ موجب جارحاڻي ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهيون ٿا.
هن نوجوان پاڪستاني سائيڊ تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته ٽيم ۾ اهڙا رانديگر موجود آهن، جيڪي اهڙي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي صلاحيت رکن جهڙي ڪرڪيٽ اسان چاهيون ٿا.
سلمان علي آغا جو چوڻ هو ته حالتون ڪنهن به ميچ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ اسان کي بنگلاديش جي حالتن جو ڀلي ڀت ڄاڻ آهي.
هن چيو ته ڪيئي پاڪستاني رانديگر بنگلاديشي ليگ( بِي پِي ايل) کيڏي چڪا آهن ۽ هٿان جي ماحول ۾ کيڏڻ جو تجربو رکن ٿا.
هن بنگلاديشي ٽيم کي هڪ مضبوط مخالف قرار ڏيندي چيو ته هو دنيا جي هو ميدان تي مخالف ٽيم لاءِ چئلينج بڻجنٿا، پر پاڪستاني ٽيم ميچ جي صورتحال ۽ ڪنڊيشن موجب کيڏڻ لاءِ مڪمل تياري ڪئي آهي.
ڪپتان موجب، ڍاڪا جي ڪنڊيشن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ ڪئمپ دوران خاص پِچون تيار ڪيون ويون، جيئن رانديگر انهن حالتن سان پاڻ ايڊجسٽ ڪري سگهن.
هن چيو ته ڪئمپ دوران سيناريو بيس ميچن ذريعي رانديگرن جي مهارتن کي بهتر بڻائڻ تي ڀرپور ڪم ڪيو ويو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز سڀاڻي کان شروع ٿيندي ۽ ان حوالي سان ٽرافي جي مهورت پڻ ڪئي وئي.

جُولاءِ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو