سکر جي چيئرمين ۽ يو اي اي جي قونصل جنرل جي ملاقات: واپاري راهداري جي تجويز ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ضلعي ڪائونسل سکر جي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه ڪراچي ۾ متحده عرب امارات جي قونصل جنرل ڊاڪٽر البخيت عتيق الرميثي سان اهم ملاقات ڪئي۔ ملاقات دوران پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري جي موقعن ۾ واڌارو آڻڻ ۽ صنعتي ترقي جي امڪانن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔
ان موقعي تي چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر، يو اي اي جي قونصل جنرل کي تجويز ڏني ته سکر جي واپارين لاءِ دبئي ۾ هڪ واپاري راهداري (Trade Corridor) قائم ڪئي وڃي ته جيئن مقامي واپارين کي عالمي منڊين تائين سڌي رستا ملي سگهي۔ هن چيو ته اهڙي واپاري راهداري جي ذريعي سکر جا واپاري عالمي سطح تي ڪاروباري موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪو نه رڳو هن علائقي جي معاشي ترقي جو سبب بڻجندو، پر ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن ۾ به واڌارو ايندو۔
سيد ڪميل حيدر شاهه چيو ته سکر جي واپارين کي بين الاقوامي مارڪيٽن تائين رسائي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ اهڙا قدم مقامي معيشت کي وڏي هٿي ڏيندا۔ هن زور ڀريو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي ديرين دوستاڻن لاڳاپن کي واپاري ۽ صنعتي شعبي ۾ عملي سهڪار ذريعي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو۔
يو اي اي جي قونصل جنرل ڊاڪٽر البخيت عتيق الرميثي ٻنهي ملڪن جي تاريخي دوستاڻن لاڳاپن کي ساراهيندي، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر جي تجويزن کي خوش آئند قرار ڏنو ۽ گڏيل تعاون وڌائڻ جي پڪ ڏني۔ ملاقات دوران اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکبيون۔ اها ملاقات ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي نون معاشي افقن تائين وٺي وڃڻ جي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏني پئي وڃي، جنهن جا مثبت اثر سکر سميت ملڪ جي ٻين واپاري مرڪزن تي به پوندا۔
جُولاءِ 18, 2025