دادو ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ ھٿرادو واڌ خلاف ڪارروائي، دڪاندارن تي ڏنڊ لاڳو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )دادو:ضلع انتظاميه پاران شھر ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ ھٿرادو واڌ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضيٰ علي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر دادو سميع الله وڳڻ ضلعي ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ غيرقانوني طور ھٿرادو واڌ خلاف ڪارروائي ڪندي مختلف مارڪيٽن جو دورو ڪيو،
ڪارروائي دوران مقرر ڪيل قيمتن کان وڌيڪ اگھ تي کنڊ وڪرو ڪندڙ دڪاندارن، هول سيلرن تي مجموعي طور تي 9 ھزار روپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر دادو پاران دڪاندارن کي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون ته اهي سرڪاري مقرر ڪيل اگهن جي پيروي ڪن،
ٻي صورت ۾ سندن خلاف وڌيڪ سخت قانوني قدم کڻي ڪاروائي ڪئي ويندي، ضلعي انتظاميه پاران واضح ڪيو ويو آهي ته عوام کي رليف مهيا ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڪارروائيون جاري رهنديون،
جُولاءِ 18, 2025