ڄامشورو: پوليس قاتلن کي گرفتار نه ٿي ڪري، فريادي کي ڌمڪيون؛ جمالي برادري پاران ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج
ڄامشورو(رپورٽ: محمد وارث)ڄامشورو پوليس قاتل گرفتار نٿي ڪري فريادي کي مارڻ جون ڌمڪيون پوليس ناانصافي خلاف جمالي برادري جو ايس ايس پي آفيس گيٽ اڳيان احتجاج ونگاري پوليس خلاف نعريبازي
ڄامشورو شھر ۾ 5 ڏينھن اڳ جمالي برادري ۾ ٿيل خوني جيھڙي ڀعد ھڪ ڄڻو قتل ٿي وڃڻ ۽ 8 زخمي ٿيڻ جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ان واقعي جا قاتل گرفتار نـ ٿيڻ ۽ انھن قاتلن جي مبيانا موتمار ڏمڪين خلاف فريادي ڌر جمالي برادري جي ماڻھن جو ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي ڪيس جي فريادي جان محمد جمالي چيو آھي تـ حملو ڪري قتل ڪيل چاچي علي گل جمالي قاتل گرفتار ناھين ٿي سگھيا اھي اسان کي اڃا مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن
اسان حد جي ايس ايڇ او کي قاتلن جي موجودگي جي نشاندگي ڪري ٻڌايون ٿا پر پوليس انھن کي گرفتار نـ ٿي ڪري ھنن چيو اسان جون 2 نياڻيون انھن وٽ آھن انھن جي جان کي خطرو آھي اھي اسان کي بازياب ڪرائي ڪيس ۾ گھربل سمورا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن اسان کي شڪ ٿو ٿئي تـ حد جو ايس ايڇ او قاتل ڌر کان ڏوڪڙ وٺي انھن سان مليل آھي اھڙي مامري جو نوٽيس ورتو وڃي
جُولاءِ 18, 2025