نوابشاهه: پيپلز ميڊيڪل يونٽ پاران شهيدانِ ڪربلا جي ياد ۾ روحاني پروگرام، قرآن خواني، نياز ۽ خصوصي دعا کا اهتمام
نوابشاه( رپورٽ: عبدالفتاح رند)پيپلز ميڊيڪل يونٽ پاران ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ قرآن خواني، نياز، ۽ دعا جو روحاني پروگرام منعقد خبرموجب پيپلز ميڊيڪل ڪاليج اسپتال (PMCH) نوابشاهه ۾ پيپلز ميڊيڪل يونٽ جي سڏ تي هرسال وانگر هن سال به حضرت امام حسين عليه السلام ۽ شهيدانِ ڪربلا جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ قرآن خواني، سبيل، نياز ۽ دعا جو روحاني پروگرام شاندار نموني سان ترتيب ڏنو ويو. پروگرام ۾ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر يار علي جمالي،
وائس چانسلر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، سينيئر ڊاڪٽرن، نرسز، ڪلارڪ اسٽاف، پيراميڊيڪل عملي، مريضن ۽ انهن سان گڏ آيل وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران قرآن خواني کانپوءِ شهيدنِ ڪربلا جي بلنديءِ درجات لاءِ خصوصي دعا گھري وئي، جتي اسپتال ۾ داخل مريضن جي شفايابي، عملي جي ڀلائي ۽ خصوصاً لاڏاڻو ڪري ويل پيراميڊيڪل عملي جي روحن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي وئي.
پيپلز ميڊيڪل ونگ جي اڳواڻ مرحوم سيد اڪبر شاهه کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي پيپلز ميڊيڪل ونگ جي سينيئر قيادت مظھر علي عباسي، حاجي علي خان ٻگھيو، امام دين سومرو، سرور آريجو، الطاف کوکر، عابد راڄپر، امان الله عباسي، ارشد علي عباسي، الطاف عباسي، سڪندر منگي، ممتاز ڪيريو، حڪيم خاصخيلي، مير محمد ڏاهري، ابراهيم لکمير، شهباز شيخ، نويد ڪالرو، عاشق انڙ، صابر ڀنگوار، آصف ملاح، سهيل راڄپر، منظور راڄپر، محسن پٺاڻ، ظفر ڀٽي، پريم ڪمار ڪالو، فدا شيخ، امجد شيخ، نثار شيخ، ڪانداس، يوسف مسيح، شاهد شيخ، مولاداد بلوچ، اعظم ڀٽي ۽ ٻين سوين دوستن پڻ شرڪت ڪري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. پروگرام کي هڪ روحاني ۽ اخلاقي درس طور ڏٺو ويو، جنهن جو مقصد نوجوانن ۾ ڪربلا جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انساني عظمت، قرباني، ۽ حق جي جدوجهد جي اهميت اجاگر ڪرڻ هو
جُولاءِ 18, 2025