نوابشاهه: ڪمشنر نديم احمد ابڙو جو محتسب اعليٰ آفيس جو دورو، اداري جي ڪارڪردگي کي ساراهه، تعزيت پڻ ڪئي
نوابشاه (رپورٽ: عبدالفتاح رند)ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن نديم احمد ابڙو اڄ محتسب اعلي آفيس شھيد بينظيرآباد جو دورو ڪيو ان موقعي تي ڪمشنر نديم احمد ابڙو چيو ته صوبائي محتسب اعلي سنڌ جو ادارو عوامي مسئلن جي حل لاءِ بھترين قدم کڻي رھيو آھي ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي شھيد بينظيرآباد خان محمد زرداري پاران ڪمشنر کي اداري جي ڪارڪردگي بابت آگاھي ڏيندي ٻڌايو ته صوبائي محتسب اعلي جو ادارو عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءَ قدم کڻي رھيو آھي
ھن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس اداري پاران ھن وقت تائين ڪيترن ئي ماڻھن جا جائز مسئلا حل ڪرايا ويا آھن ان موقعي تي ڪمشنر نديم احمد ابڙو پاران ريجنل ڊائريڪٽر خان محمد زرداري سان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي.
جُولاءِ 18, 2025