ڦلجي اسٽيشن: قومي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جسقم جو احتجاج، پوليس خلاف نعريبازي ۽ ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ:غلام حيدر پنھور ) ڦلجي اسٽيشن ۾ قومي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جسقم ڪارڪنن ريلي ڪڍي ايوان صحافت پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين پاران پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ان موقعي تي مظاهرين ڪامريڊ رياض پنهور، اياز علي پنهور، اسلم پنهور ، ۽ ٻين چيو ته ٻه مهينا اڳ سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج ڪيو هو دادو پوليس جسقم ضلعه اڳواڻن منصور احمد جمالي، نياز چنه، جساف اڳواڻ درياء خان پنهور، ۽ ٻين قومي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مزمت ڪريون ٿا ،

اسين ڪوڙن ڪيسن کان ڊڄي ھٽڻ وارا ناھيون اسانجا حوصلا اڃان وڌيڪ بلند آهن ،اسين سنڌ جي وسيلن تي  ڌاڙو ڪڏهن به قبول ڪونه ڪنداسين ، اسين سنڌو درياء مان ڇھ غيرقانوني ڪئنال نه اڳ قبول ڪيا هئا نه هاڻي قبول ڪنداسين اسين سنڌ جي اثاثن جي حفاظت ڪرڻ خوب ڄاڻون ٿا ، اسين سنڌ جي مالڪي خاطر  پنهنجا ٻچا قربان ڪرڻ لاء تيار آهيون ،

هنن وڌيڪ چيو ته  رياست هوش کان ڪم وٺي ، قومي ڪارڪنن تي داخل  ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ قومي ڪارڪنن کي  حراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

جُولاءِ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو