ريل گاڏين جا ڀاڙا وڌي ويا، نوٽيفڪيشن جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن ۾ واڌ کانپوءِ شهرين لاءِ ٽرين جو سفر ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو.
پاڪستان ريلوي مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ ٻه سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
سمورين ميل، ايڪسپريس، انٽر سٽي ۽ مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا 18 جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندي.