سکر: آباد لاکا واسين پاران ٻن نوجوانن جي گمشدگي خلاف احتجاج، بازيابي لاءِ اعليٰ اختيارين کان اپيل

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر جي علائقي آباد لاکا جي رهواسين پاران پنهنجي گم ٿيل ڀاءُ جي بازيابي لاءِ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي اعليٰ اختيارين ۽ عام ماڻهن کان مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي۔ سومرو برادري سان تعلق رکندڙ حسيب الله سومرو.نجيب الله ۽ مسمات آسيه۔مائي حضوران۔ زبير احمد سومرو ۽ ٻين چيو ته انهن جو ڀاءُ محمد عمير سومرو سوناري جي دوڪان تي صرافه بازار ۾ ڪم ڪندو  ۽ مظھر علي سومرو به بازار ۾ پردن جو ڪم ڪندو آھي  گذريل ڏيڍ مهيني کان پُراسرار نموني سان گم آهن،

 جنهن جو اڃا تائين ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو۔مظاهرين پريس ڪلب ۾ روئيندي ٻڌايو ته محمد عمير سومرو ۽ مظھر علي جي گمشدگي سندن سموري خاندان کي ذهني تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔سندن جي  غيرموجودگي گهر ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي۔ وارثن ٻڌايو ته انهن سمورن لاڳاپيل ٿاڻن ۽ ادارن سان رابطو ڪيو آهي، پر اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي ايس ايس پي آفيس سکر وياسين پر ايس ايس پي موجود نه هيو ۔ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر،

ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پراسرار گم ٿي ويلن جي فوري بازيابي يقيني بڻائي وڃي۔هنن عوام کي به اپيل ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ گم ٿيلن بابت ڪا به ڄاڻ هجي ته مهرباني ڪري فوري طور تي وارثن يا ويجهي پوليس ٿاڻي کي اطلاع ڏني وڃي ته جيئن نوجوان کي بحفاظت بازياب ڪرائي، گهر ۾ وري خوشيءَ جي فضا موٽي اچي۔

جُولاءِ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو