سڪرنڊ: فائرنگ ۾ نوجوان سليمان چانڊيو قتل، مري برادري جا پنج ڄڻا نامزد، جاچ جاري
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ)ٻه ڏينهن اڳ سڪرنڊ ۾ ٿيل واقعي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ چانڊيا برادري جي نوجوان سليمان چانڊيو کي قتل ۽ هڪ زخمي شخص جي واقعي جي حوالي سان سڪرنڊ پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آهي.پوليس ذريعن موجب ڪيس ۾ مري برادري جي پنجن ماڻهن قربان مري، فرحان مري،
شاهنواز مري، جهنڊو خان مري ۽ خير محمد مري کي نامزد ڪيو ويو آهي. واقعي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
جُولاءِ 17, 2025