سڪرنڊ: ايگريڪلچر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ ڊپلومه ڪورسن لاءِ داخلا ٽيسٽ، شاگردن ۽ والدين پاران ماحول جي واکاڻ
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سنڌ جي قديم تعليمي اداري ايگريڪلچر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، سڪرنڊ ۾ ٻه سالا ڊپلومه ڪورسن لاءِ داخلا ٽيسٽ ۽ انٽرويوز جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان سوين شاگردن ۽ شاگردياڻي حصو ورتو انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال محمد بچل سوهو جي انتظام ۽ ميزبانيءَ هيٺ هلندڙ ٽيسٽ جي انتظام ۽ ماحول کي شاگردن جي والدين پاران ساراهيو ويو شاگردن کان فيلڊ اسسٽنٽ، ليڊي فيلڊ اسسٽنٽ ۽ اسٽاڪ اسسٽنٽ جي ٻه سالا ڊپلومه ڪورسن ۾ داخلا لاءِ تحريري ٽيسٽ ورتي ويئي،
جنهن بعد کائن انٽرويو پڻ ورتا ويا. ان موقعي تي اداري جي پرنسپال محمد بچل سوهو ڳالهائيندي چيو ته شاگردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته اڄ جي نوجوان نسل ۾ زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي جي تربيتي علم حاصل ڪرڻ لاءِ جوش ۽ جذبو موجود آهي. هوڏانهن داخلا عمل دوران شاگردن جي والدين پڻ انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪيو، جتي کين اداري جي ماحول، سهولتن ۽ تربيتي نظام ڏاڍو متاثر ڪيو.
هنن انسٽيٽيوٽ جي انتظاميه جي واکاڻ ڪندي ان کي ٻهراڙي جي نوجوانن لاءِ روشن مستقبل جو ذريعو قرار ڏنو. محمد بچل سوهو اهو پڻ چيو ته ايگريڪلچر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، سڪرنڊ سنڌ جي زرعي ترقي، خودڪفالت ۽ پائيدار زراعت لاءِ ھڪ تاريخي ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هي ادارو مسلسل فني، علمي، عملي ۽ تربيتي عمل ذريعي سنڌ جي هزارين نوجوانن کي روزگار جو اهل بڻائي چڪو آهي.
جُولاءِ 17, 2025