سانگهڙ: ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ پرائس ڪنٽرول اجلاس، کنڊ سميت شين جي قيمتن تي سختي سان نظر رکڻ جو فيصلو

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد جي صدارت هيٺ پرائس ڪنٽرول ڪاميٽي جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنرز، انسپيڪٽر بيورو سپلاءِ، مارڪيٽ ڪاميٽي جا نمائندا، واپاري برادري ۽ لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ روزاني استعمال جون شيون،

خاص ڪري کنڊ سميت ٻين شين جي قيمتن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ۽ ناجائز منافعي، ذخيره اندوزي، ۽ غير معياري شين جي وڪري جي روڪٿام لاءِ مؤثر قدم کڻڻ تي زور ڏنو ويو، ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ انتظاميه جي اولين ترجيح آهي. ڪنهن کي به مقرر قيمتن کان وڌيڪ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ حڪومت جي پاليسي تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، هن سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو روزاني بنياد تي مارڪيٽن جا دورا ڪن ۽ خاص طور تي کنڊ جي قيمتن جي نگراني ڪن،

۽ ذخيره اندوزي يا بليڪ مارڪيٽنگ ۾ ملوث ماڻهن سان سختي سان نمٽيو وڃي،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پرائس لسٽون نمايان نموني سان آويزان ڪرڻ لازمي هوندو، ۽ جيڪي واپاري حڪومتي قيمتن جي ڀڃڪڙي ڪندا، انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊپٽي ڪمشنر عوام کي به اپيل ڪئي ته جيڪڏهن ڪا به شڪايت هجي ته هو ضلعي انتظاميه سان رابطو ڪن ته جيئن ترت قدم کنيا وڃن، اجلاس ۾ بيورو سپلاءِ اينڊ پرائس ڪنٽرول جي حفيظ يوسفزئي، انور علي شيخ ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

جُولاءِ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو