دادو: آل چارڻ اتحاد ۽ چيمبر آف ڪامرس اڳواڻن پاران سيپڪو عملدارن خلاف پريس ڪانفرنس، ناجائزين جي خاتمي ۽ بجلي بحالي جو مطالبو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر ۽ آل چارڻ اتحاد پاڪستان جي صدر محمد اقبال چارڻ، چيمبرس آف ڪامرس جي سينئر نائب صدر شعيب علي چارڻ ۽ آل پاڪستان چارڻ اتحاد ضلعي دادو جي اڳواڻن محمد حنيف چارڻ، پرويز علي چارڻ، حامد علي چارڻ، بشارت علي چارڻ ۽ ٻين پريس ڪلب دادو ۾ سيپڪو انجنئير عزيز پنهور، ايس ڊي او ون غلام سرور سهتو، لائين سپرنٽنڊنٽ عابد سيال،
لائين مين شاهد سومرو جي ناجائزين خلاف دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته سيپڪو اختيارن بٺ پاڙي ۾ اسانجي گهر جو ڪنيڪشن ڪاٽا ڪري ڇڏيو آهي جيتوڻيڪ بل ادا ڪندڙ آهيون، هنن چيو ته اڌ دادو شهر سولر سسٽم تي ٿي ويو آهي پوءِ به شهر ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ، ڪنڊا ڪنيڪشن لڳائي شهرين جو جيئڻ جنجنال ڪري ڇڏيو آهي جيڪو بل ادا ڪري ٿو هن کي بجلي ادا نه ٿي ڪئي وڃي،
لائين مين شاهد سومرو، ايل ايس عابد سيال پاران رهائشي ڪالونين ۾ خانگي ماڻهن ذريعي ڪم ڪرائي بجلي چوري ڪرائين پيا جڏهن ته واپڊا جي ٽرانسفارمرن تي خانگي ماڻهن جو قبضو آهي، ھو ڀتو وٺي جنهن کي چاھين ته بجلي جو ڪنيڪشن ڏئي ڇڏين ٿا، جيڪو عمل رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ برابر آهي،
چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻن ۽ آل چارڻ اتحاد پاڪستان جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته دادو سيپڪو ذميوار اھڙن عناصرن خلاف جلد نوٽيس وٺي اسانجي گهر جي بجلي بحال ڪئي وڃي ۽ پرائيويٽ ماڻهن جا ٽرانسفارفرن تان قبضا ھٽايا وڃن ٻئي صورت ۾ سومر ڏهاڙي اھڙي عمل خلاف عدالت ۾ سيپڪو عملدارن خلاف درخواست داخل ڪرائي ويندي،
جُولاءِ 17, 2025