ملير: ميئر ڪراچي مرتضیٰ وهاب پاران درسانو ڇنو ۾ شمسي توانائي تي مبني واٽر سپلائي منصوبن جو افتتاح، 30 ڳوٺن لاءِ 24 ڪلاڪ پاڻي فراهمي جو اعلان
ملير (ڊر ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب صديقي ڪراچي ملير جي يوسي درسانو ڇنو جي دنبه ڳوٺ هاشم گبول ڳوٺ جو پارٽي اڳواڻن علائقي جي چونڊيل نمائندن ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد بلوچ ميزبان چيئرمين يوسي درسانو ڇنو نبي بخش پالاري ايم پي راجا رزاق بلوچ ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ وائيس چئيرمين مرتضيٰ يار محمد بلوچ جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو سردار قادر بخش گبول پي ايس 84 جو صدر حاجي علي احمد جوکيو جنرل سيڪريٽري منظور بلوچ حاجي پير بخش گبول آدم گبول چيئرمين مبارڪ گبول شاهجهان خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏ دورو ڪري شمسي توانائي منصوبن جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب صديقي چيو ته ڪراچي شهر جي، سمورن علائقن ۾ بغير ڪنهن فرق جي ترقياتي ڪمن ٿي رهيا آهن ڪراچي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو جلد حل ٿيندي نظر ايندو ڪراچي شهر جي پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ 14،آگسٽ تي حب ڪئنال جو باضابطه افتتاح ڪيو ويندو هر يوسي لاءِ بجيٽ رکي وئي آهي، ڪراچي شهر ۾ ترقياتي ڪم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن
اسان خدمت جي سياست تي يقين رکون ٿا ڪراچي جي ٻهراڙين جي علائقن ۾ هلندڙ واٽر سپلائي اسڪيمن کي سولر سسٽم ذريعي هلائڻ جي لاءِ ميگا پروجيڪٽ آندو ويو آهي ڪراچي جي يوسي درساڻو ڇنو دنبه ڳوٺ هاشم گبول ڳوٺ ۾ واٽر سپلائي اسڪيمن جي ذريعي هتان جا 30 کان وڌيڪ ڳوٺن کي 24 ڪلاڪ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جو عمل کي يقيني بڻايو ويو آهي جنهن سان هزارين ماڻهو پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪري سگهندا ڪراچي شهر جا وسيلا عوام جي امانت آهن اهي عوام تي خرچ ٿيندي نظر ايندا
پاڪستان پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل ڊپٽي ميئر سمورا ايم پي اي ايم اين اي چيئرمين وائيس چئيرمين ڪونسلر عوام جي خدمت ڪندي نظر اچي رهيا آهن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي عوام جي فلاح بهبود ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي چيئرمين يوسي درسانو ڇنو نبي بخش پالاري چيو ته هر ڳوٺ جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي مڪمل فراهمي لاءِ عملي ڪم ڪري رهيا آهيون وڌيڪ منصوبن جو جلد افتتاح ڪيو ويندو درسانو ڇنو يوسي کي ڪراچي جي آئيڊيل يوسي بڻايو ويندو
جُولاءِ 17, 2025