نوابشاهه: زميني تڪرار تان ڇهه ڳڀرو نوجوان قتل، ڀنگوار برادري سوڳوار، پوليس ڪارروائي جاري
نوابشاھ ( رپورٽ: عبدالفتاح رند)بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪيريا موري وٽ تاڙ ۾ ويٺل نامعلوم ھٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري عدالت جي شنوائي تي ويندڙ ڳوٺاڻن مٿان ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ شاھ علي ڀنگوار جا رھواسي ڀنگوار برادري جا 6 ڄڻا فرمان علي ولد شاھ علي رجب علي ولد شاهه علي قربان علي ولد شاهه علي ۽ سندن سوٽ شهباز علي ولد غلام مصطفي حبدار علي ولد غلام مصطفي رجب علي ولد غلام مصطفي ٿڏي تي مارجي ويا
جڏهن ته هٿياربند موقعي تان فرار ٿي ويا اطلاع تي پوليس نفري ۽ ايمبولينس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا افسوس ناڪ واقعي جي خبر پوڻ تي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين علي اڪبر جمالي ضلعي وائيس چيئرمين انجنيئر عبد الرسول بروهي سميت ڀنگوار برادري۽ سوين ماڻهو اسپتال پهچي ويا پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا
جڏھن تہ ٻڌايو پيو وڃي تہ پندرنھن سال اڳ جوبدار ڌر طرفان شاھ علي ڀنگوار کي قتل ڪيو ھو جنھن کانپوءِ قتل ٿيل ڌر جي ماڻهن حملو ڪري اسحاق ڀنگوار آدم ڀنگوار ۽ ھڪ اوڏ ذات جي ھاري سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪيو هو جنهن جي پلاند ۾ هي ڇھ ڳڀرو نوجوان قتل ٿي ويا جڏهن ته علائقي جي معززين پاران ٺاھ لاءِ سنجيدگي سان ڪوششون نه وٺڻ ڪري وڏو سانحو پيش آيو ٻنهي ڌرين جا ويڙها اجڙي ويا هن مھل تائين ھن خوني تڪرار ۾ ڏھ ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن
خوني تڪرار جو ڪارڻ زمين جي ٻني ۽ پاڻي جي چند منٽ ورھاست جو مسئلو ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته 6 ڳڀرو نوجوانن جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي علائقي ۾ ڏک ۽ خوف جي لهر ڇانئجي وئي مقتولن جون مائرون ۽ ڀينر اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي لاشن کي چنبڙي ويون ۽ قاتلن کي پٽون پاراتا ڏينديون رهيون مقتولن جي وارث عورتن چيو ته اسماعيل ڀنگوار پئسي جي ڏاڍ تي اسان جا ڪونڌر بيدردي سان ڪٺا آهن ٻني ۽ پاڻي جي تڪرار تان جهيڙي جي شروعات ڪئي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي
جڏهن ته مقتولن جي گھرن ۾ 2 معصوم نينگر مرد اويس حمزا بچيل آهن جڏهن ته مقتول 6 نوجوانن جا مرد وارث 4 ڄڻا علي ڏنو راڻو سلطان ۽ لائق ڀنگوار مقتول اسحاق ڀنگوار وارن جي قتل ڪيس ۾ جيل ۾ قيد آهن جڏهن ته هڪ وارث عيسو ڀنگوار جيل ۾ فوت ٿي ويو هو ھوڏانھن پوليس وڏي نفري ۽ هيوي مشينري ساڻ ڪري جوابدارن جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري جوابدارن جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا جڏهن ته جوابدار واقعي کان اڳ گهر خالي ڪري اڳ ئي هليا ويا هئا جڏهن ته واقعي بابت ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد شبير سيٺار چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ 3 ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن جيڪي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيا آهن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري وٺبو ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو انهن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو جڏهن ته 6 مقتولن جي جنازي نماز لڙڪن ۽ سڏڪن ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ ايم پي غلام قادر چانڊيو پ پ ضلعي صدر محمد سالم زرداري انجنيئر عبد الرسول بروهي ايس ايس پي شبير احمد سيٺار سميت علائقي جي معززن ۽ برادري جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي
جُولاءِ 17, 2025