هيري پوٽر جي هيروئن کي 6 مهينا سزا

Spread the love

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هيري پوٽر فلم سيريز ذريعي شهرت ماڻيندڙ برطانوي اداڪارا ايما واٽسن تي تيز رفتاري سان گاڏي هلائڻ جي الزام هيٺ 6 مهينن لاءِ ڊرائيونگ ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ايما واٽسن کي 31 جولاءِ 2024ع تي انگلينڊ جي شهر آڪسفورڊ ۾ 30 ميل في ڪلاڪ جي حد واري علائقي ۾ 38 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان گاڏي هلائيندي پڪڙيو ويو هو.
هاڻي هاءِ ويڪام مئجسٽريٽس ڪورٽ طرفان 16 جولاءِ تي فيصلو ٻڌائيندي اداڪارا تي 1400 ڊالرز جو ڏنڊ ۽ 6 مهينن جي ڊرائيونگ پابندي جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته اداڪارا عدالتي ٻڌڻي ۾ پيش نه ٿي هئي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ايما واٽسن جي ڪيس جي فوري بعد عدالت هيري پوٽر فلم ۾ ڪِوڊچ ٽيچر ”ميڊم هوچ“ جو ڪردار ادا ڪندڙ زوئي واناميڪر خلاف به تيز رفتاري جي هڪ ٻئي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن کي آگسٽ 2024ع۾ تيز رفتاري سان گاڏي هلائيندي پڪڙيو ويو هو ۽ ساڳي سزا ٻڌائي وئي هئي.
برطانوي ميڊيا موجب، ٻنهي اداڪارائن جي ڊرائيونگ لائسنسز تي اڳ ۾ ئي 9 پينالٽي پوائنٽس موجود هيون، جڏهن ته نون ڪيسن ۾ 3 وڌيڪ پوائنٽس جو واڌارو ٿيو، جنهن سبب مٿن 6 مهينن جي پابندي مڙهي وئي آهي.
واضح رهي ته ايما واٽسن گذريل ڪجهه عرصي کان فلمي دنيا کان پري آهي ۽ هن وقت تدريس ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

جُولاءِ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو