ڇور ۾ مرحوم حاجي محمد سومرو جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ: غوثيه ڪرڪيٽ ڪلب ڇور فائنل ۾ رائيزنگ ڪلب کي شڪست ڏئي چيمپيئن بڻجي وئي
ڇور ) رپورٽ :لالجي سوڍو( العظيم شاھ ڪرڪيٽ گرائونڊ ڇور ته مرحوم حاجي محمد سومرو جي ياد ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو فائنل مئچ غوثيه ڪرڪيٽ ڪلب ڇور ۽ رائيزنگ ڪرڪيٽ ڪلب ڇور وچ ۾ ٿيو رائيزنگ ڪرڪيٽ ڪلب پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 138 رنسن ته آل آئوٽ ٿي وئي
جنھن ۾ خادم خاصخيلي 69 رنسون ٺاھيون جواب ۾ غوثيه ڪرڪيٽ ڪلب ڇور 9 اوورجي ٽئين بال ته 4 وڪيٽن جي نقصان ته ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتو غوثيه ڪرڪيٽ ڪلب طرفان الطاف آريسر 55 ۽ ھميرسنگھ سوڍو 35 رنسون ٺاھيون اھڙي طرح غوثيه ڪرڪيٽ ڪلب ڇور 6 وڪيٽن تان فائنل کٽي ورتو آخر ۾ مھمان خاص استاد جمشير سومرو دين محمد نھڙي احسان منڱريو نواز مجيد سومرو ابراھيم سومرو جمالدين نھڙي آصف آريسر رحيم ڀيو
يوسف ايس ٽي ۽ ٻين پاران ونر ٽيم جي ڪيپٽن ھميرسنگھ سوڍو کي ونر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز رنر ٽيم جي ڪيپٽن اشرف نھڙي کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش پرائز مين آف دي مئچ الطاف آريسر مين آف دي سيريز سنجي مالھي بيسٽ بيٽسمين خادم خاصخيلي بيسٽ امپائرز جماالدين نھڙي ۽ سروڻ سنگھ سوڍو بيسٽ ڪامينٽر ڪلياڻ سنگھ سوڍو ۽ راجا حنيف بيسٽ اسڪورز آصف اپو کي ٽرافيون ڏنيون
جُولاءِ 16, 2025