سيوهڻ ۾ بدامني ۽ سماجي برائين خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس: امن ڪاميٽي جو قيام ۽ 21 جولاءِ تي احتجاجي ريلي جو اعلان
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوھڻ شھر ۾ اڄ 15 جولا۽ 2025 جي ڏينھن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقي سيوھڻ جي ميزباني هيٺ شھر ۾ وڌنڌڙ بدامنيءَ ۽ سماجي برائين خلاف سيوھڻ اوقاف ريسٽ هائوس تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سيوھڻ جي سياسي سماجي ادبي تنظيمن جسقم شھيد بشير خان،
شيعا علماءَ ڪاؤنسل، جسقم آريسر، جسقم صنعان قريشي، سنڌ ادبي سنگت، پ پ پ شھيد ڀٽو ۽ عزاداري فائونڊيشن سميت سيوھڻ جي ساڃاه وند ڌرين شرڪت ڪئي، ھن آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪجھ فيصلا ڪيا ويا، انھن فيصلن جو تفصيل ھيٺين ريت لکجي ٿو، 01 سيوھڻ تعلقي اندر وڌنڌڙ بدامنيءَ ۽ سماجي برائين ۾ سنڌ حڪومت ۽ سيوھڻ جي پوليس کي ملوث قرار ڏنو ويو،
02 سيوھڻ تعلقي اندر چورين ڌاڙن قتل ۽ منشيات خلاف ھر جدوجھد سان گڏ ھا۽ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي، جنھن ۾ سنڌ حڪومت ۽ سيوھڻ پوليس کي جوابدار ڄاڻايو ويندو،03 مٿي ڄاڻايل مسئلن جي حل لا۽ سيوھڻ امن ڪاميٽيءَ جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو،04 احتجاجن ۽ رابطن لاء قيادت پاڻ ڪندي ۽ مسئلن جي حل لا۽ ڪوششون ڪندي،ھن آل پارٽي ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 21 جولائي بروز سومر جي ڏينھن تي بدامني ۽ سماجي برائين خلاف ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي،
سيوھڻ امن ڪاميٽيءَ جي قيادت ڪندڙن جا نالا ھيٺين ريت آھن، 01 محمد نواز رند02 منظور احمد سولنگي 03 صفدر حسين گاڏھي 04 ڪامريڊ اڪبر ملاح 05 محمد الياس ڀٽو 06 غلام شبير ٻرڙو
07 آزاد منصور چنه 08 عبدالحڪيم بڙدي 09 حبيب الله ڀٽو 10 اشرف عطار ۽ 11 محبوب اوٺو جن کي سيوھڻ امن ڪاميٽي لاء مقرر ڪيو ويو آھي.
جُولاءِ 16, 2025