سيوهڻ: جهانگارا روڊ تي ٽرڪ ۽ لوڊر رڪشا ۾ ٽڪر، نوجوان ببلو سولنگي فوت، سمير اوٺو زخمي
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي ) سيوهڻ ڀرسان جھانگارا روڊ تي ٽرڪ ۽ لوڊر رڪشا جو آمهون سامهون ٽڪر، ٽڪر جي صورت ۾ ھڪ نوجوان فوت ۽ ھڪ نوجوان سخت زخمي، تفصيل موجب سيوھڻ جهانگارا روڊ تي ننڍي ٺيهڙي وٽ ٽرڪ ۽ لوڊر رڪشا ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، ھن روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ موقعي تي ھڪ شخص ببلو سولنگي فوت ۽ هڪ نوجوان سمير اوٺو زخمي ٿي پيو،
جڏھن ته فوتي ۽ زخمي نوجوانن جو تعلق سيوهڻ شريف ۽ ڪرمپور جو ٻڌايو پيو وڃي، فوتي ۽ زخمي نوجوانن کي سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوهڻ منتقل ڪيو ويو، جيئن ته ٻئي نوجوان لوڊر رڪشا تي بسڪوٽ وڪرو ڪرڻ ويندا ھئا،جيڪي جهانگارا، باجارا، نئينگ شريف ۽ ڪائيءَ ۾ بسڪيٽ سيل ڪندا هئا.
جُولاءِ 16, 2025