سکر ليبر ڪالوني فليٽن تي قبضا ختم ڪرائڻ بابت هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، عدالت پاران اعتراض داخل ڪرائڻ لاءِ 7 آگسٽ جي مهلت
سکر(بيورورپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ ليبر ڪالوني سکر جي فليٽن تي ٿيل غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ بابت داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، عدالت جي طلب ڪرڻ تي ڊي سي سکر جي نمائندي طور اسسٽنٽ ڪمشنر نئون سکر وسيم احمد مھر ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جو ڊائريڪٽر زاهد هڪڙو ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا،
جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس رياضت علي ساهڙ تي مشتمل ڊويزن بئنچ آڏو درخواستگذار محمد شهزاد جي وڪيل واجد علي شيخ دليل ڏيندي چيو ته ڪارخانن ۾ پورهيو ڪندڙ مزدورن لاءِ سنڌ حڪومت طرفان ٺاهيل ليبر ڪالوني سکر جي 1024 فليٽن مان اڪثر فليٽس تي قبضا ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري مزدور پريشان آهن،
443 فليٽن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي فيڪٽرين ۾ مزدوري ڪندڙ پورهيتن کي فليٽ الاٽ ڪيا وڃن، ان کان علاوه ليبر ڪالوني فليٽس ۾ قانوني طور رهندڙ الاٽيز کي بجلي ۽ گئس جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي، عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته بجلي ۽ گئس جي سپلاءِ بحال ڪرائي وڃي، ان دوران ڊي سي سکر جي نمائندي فليٽن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ واري رپورٽ عدالت آڏو پيش ڪئي،
جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل اعتراض واريندي چيو ته اها رپورٽ درست ناهي ڇو ته رپورٽ ۾ جن فليٽن کي خالي ڄاڻائي انهن جا فوٽو ڪڍي عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا آهن اهي ڪنهن به مزدور کي الاٽ ئي نه ڪيا ويا آهن، جن جا دروازا، دريون نڪتل آهن ۽ اهي خراب حالت ۾ هئڻ ڪري رهڻ جي قابل نه آهن، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي سمورا اعتراض 7 آگسٽ تائين داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي۔
جُولاءِ 16, 2025