شهيد بينظيرآباد جيل ۾ قيدين لاءِ صحت کاتي پاران مفت ميڊيڪل ڪيمپ، مختلف بيمارين جي چڪاس ۽ دوائون فراهم
نوابشاهه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند)صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ صوبائي وزير جيل کاتو علي حسن زرداري جي خاص ھدايتن تي صحت کاتي شھيد بينظيرآباد پاران ڊسٽرڪٽ جيل شھيد بينظيرآباد جي قيدين لاءِ جيل ۾ مفت مڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي جتي ڊاڪٽرن پاران قيدين جي مختلف بيمارين جي چڪاس ڪئي وئي ۽ قيدين کي مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون
ان سلسلي ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي شھيد بينظيرآباد خان محمد زرداري ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاھري سان گڏجي جيل ۾ لڳايل مفت ميڊيڪل ڪيمپ جو دورو ڪيو ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي خان محمد زرداري قيدين سان ڳالهائيندي چيو ته صوبائي وزير صحت ۽ صوبائي وزير جيل کاتو پاران جيل ۾ قيدين کي علاج معالجي جون مفت طبي سھولتون فراھم ڪرڻ لاءَ ھي ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي
جنھن جو مقصد ھڪ جاءِ تي قيدين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ آھي ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي کي آگاھي ڏيندي صحت کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ صوبائي وزير جيل کاتو علي حسن زرداري جي خاص ھدايتن تي جيل انتظاميا جي تعاون سان قيدين کي علاج معالجي جون مفت طبي سھولتون فراھم ڪرڻ لاءَ ھڪ ڏينھن جي مفت مڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي
جتي قيدين جون مليريا، هيپاٽائيٽس،بلڊ پريشر، الٽرا سائونڊ سميت ٻين مختلف بيمارين جون مختلف ٽيسٽون مفت م ڪيون پيون وڃن جڏھن ته قيدين کي دوائون پڻ ڏنيون ويون آهن ان موقعي تي جيل سپرنٽينڊنٽ غلام رسول مشوري ٻڌايو ته ھن وقت مختلف ڪيسن ۾ 387 قيدي جيل ۾ موجود آهن ھن وڌيڪ چيو ته صوبائي وزيرن جي خاص ھدايتن تي جيل ۾ رھندڙ قيدين لاءِ مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي
جُولاءِ 16, 2025