شهيد بينظيرآباد: ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جو اجلاس، ووٽر رجسٽريشن عمل ۾ شفافيت ۽ سهولت تي زور
نوابشاه (رپورٽ:عبدالفتاح رند)ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جو اجلاس ريجنل اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف صديقي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو ريجنل اليڪشن ڪمشنر شهيد بينظيرآباد محمد يوسف صديقي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جو اجلاس اڄ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر آفيس شهيد بينظيرآباد ۾ منعقد ٿيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي ريجنل اليڪشن ڪمشنر چيو ته ووٽر رجسٽريشن جي عمل ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته نادرا جو نظام هاڻي مڪمل طور ڪمپيوٽرائزڊ ٿي چڪو آهي، جنهن بعد هڪ قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي مختلف هنڌن تي ووٽ جو اندراج ممڪن ناھي.
ھن وڌيڪ چيو ته قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي صرف هڪ ئي علائقي ۾ ووٽ داخل ٿي سگھندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ووٽر لسٽن ۾ هاڻي ووٽرن جون تصويرون به شايع ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ ووٽر لسٽ ۾ نالي جي داخلا لاءِ سماجي تنظيمون پنهنجو ڪردار ادا ڪن.ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف مجيدانو، ضلع اليڪشن آفيس پاران ووٽ جي رجسٽريشن ۽ آگاھي بابت ٿيل سيمينارن بابت اجلاس کي آگاهي ڏني.
ان موقعي تي نادرا زونل انچارج رفيق احمد بلر اجلاس کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته مخصوص علائقن ۾ نادرا جون آفيسون رات 10 وڳي تائين کليل آهن جتي شهري آسانيءَ سان پنهنجا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي سگهن ٿا.اجلاس ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن محمد موسيٰ گوندل، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر محمد سليم ڀٽي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محمد آصف خٽڪ، جاويد احمد ملاح، عبيدالله ماڇي ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ ووٽ جي رجسٽريشن ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ بابت پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.
جُولاءِ 16, 2025