حڪمران خاندانن پاران کنڊ اگهه تي ڇهن سالن کان ڦرلٽ جاري

Spread the love

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)عمران خان جي دور ۾ کنڊ جو اسڪينڊل اچڻ تي ايف آءِ اي پاران واجد ضيا جي اڳواڻي ۾ ڪميشن بڻائي وئي هئي،عمران ڪابينا جي وزيرن سميت وڏن وڏن ماڻهن کي ڪميشن ۾ طلب ڪيو ويو،تڏهن واپار واري وزير عبدالرزاق دائود کنڊ جو بحران پيدا ڪرايو هو،ڪو به وزير ڪميشن کي مطمئن نه ڪري سگهيو ته کنڊ جي برآمد ضروري ڇو هئي؟اهو بحران اڃا تائين جاري آهي،2019

ع ۾ کنڊ جو اگهه 52 رپيا ڪلو هو،بحران پيدا ٿيڻ تي کنڊ اگهه 70 رپين تائين پهچي ويو،وري 90 رپيا آخر ۾ 120 رپين تائين اگهه پهتو،اهو ڪم ڇهن مهينن تائين بنا روڪ ٽوڪ هلندو رهيو،ان اسڪينڊل ۾ شگر مافيا 500 ارب رپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي،اهي شگر ملون شريف خاندان،

آصف زرداري،جهانگير ترين ۽ ٻين خاندانن جون آهن،هن وقت به پهرين کنڊ برآمد ڪئي وئي،جڏهن اسٽاڪ برآمد ٿي ويو ته شگر ملز مالڪن چيو ته اسان وٽ اسٽاڪ ناهي،جڏهن درآمد جو وارو آيو ته اگهه وڌائي ڇڏيا.

جُولاءِ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو