سکر ۾ ايڪسائيز عملدارن جي رشوت سبب منشيات جي اسمگلنگ عروج تي، سڄاڻ ڌرين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ايڪسائيز ۽ نارڪوٽيڪس جي رشوتخوري سبب منشيات سميت معضر صحت شين جي اسمگلنگ ۽ ڪاروبار سرعام جاري خبر موجب۔ ايڪسائيز ۽ نارڪوٽيڪس عملدارن جي رشوت خوري سبب سکر ضلعي ۾ منشيات توڙي نشي آور شين جو ڪاروبار عروج تي آهي۔ ٻڌايو وڃي ٿو ته SIUT اسپتال لڳ ٽول پلازه سامهو سکر بائي پاس تي قائم ايڪسائيز چيڪ پوسٽ تي مقرر راشي آفيسرن پاران افغانستان ۽ ايران مان غيرقانوني طور اسمنگلنگ ٿيندڙ سامان تي پنهنجو حصو پتي مقرر ڪري ڇڏيو آهي
جنهن ڪري هو ڪوئٽا کان ايندڙ يا ويندڙ ڪنهن به ٽرڪ۔ ٽرالر۔ ڪوچز ۽ ٻين گاڏين جي چيڪنگ ناهن ڪندا۔ جڏهن چرس۔ آفيم۔ آئيس۔ شراب سميت نشي آور سوپارين جي اسمگلنگ ڪندڙ به لکين روپيا منٿلي رشوت ايڪسائيز چيڪ پوسٽ عملدارن کي پهچائڻ بعد ڪروڙن جي منشيات گاڏين ۾ لوڊ ڪري آساني سان هڪ شهر کان ٻئي شهر سپلائي ڪري رهيا آهن۔ ٻئي طرف ٻڌايو ويو آهي ته ايڪسائيز سکر جي صرف هڪ ٽيم قمرالدين سيال ۽ سيد اڪرم شاھ جي اڳواڻي ۾ ايڪٽو آهي۔
جيڪي ڪاوائيون ڪري منشيات سميت اهڙو غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزائون ڏيارڻ جي ڪوششن ۾ مصروف عمل آهن۔ جڏهن ته سياسي اثر رسوخ رکندڙ ايڪسائيز آفيسر سيد نور شاھ سميت سڀئي منٿليون اوڳاڙي ڪري پنهنجا ڪيسا ڀرڻ ۾ پورا آهن۔ جنهن ڪري منشيات اسمگلنگ جو ڪاروبار جاري آهي۔ سکر جي سڄاڻ ڌرين پاران ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽيڪس جي اعلا اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي فرضن ۾ غفلت ڪندڙ ايڪسائيز عملدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ سميت غيرقانوني طور گاڏين ۾ ٿيندڙ اسمگلنگ کي ٻجو ڏنو وڃي۔
جُولاءِ 15, 2025