سکر ۾ امڪاني برساتن جي اڳڪٿي تي ميئر ارسلان شيخ جي تياريون، حفاظتي انتظامن جو جائزو ۽ عوام کي احتياط جي اپيل
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ ) امڪاني برساتن جي اڳڪٿي، ميئر ارسلان شيخ سرگرم، حفاظتي انتظامن جو جائزو خبر موجب سکر شهر ۾ امڪاني طور تي معمولي کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي بعد، ميئر سکر ارسلان شيخ پاڻ ميدان ۾ اچي انتظامن جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو آهي۔ميئر سکر مياني ڊسپوزل اسٽيشن جو دورو ڪيو ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي شهرين کي اپيل ڪئي ته برسات جي موسم کي “انجواءِ” ڪرڻ بدران احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن، جيئن جاني نقصان کان بچي سگهون۔هن چيو ته ٻارن کي بجليءَ جي پولن،
وڻن ۽ کليل گٽرن کان پري رکيو وڃي، ڇو ته هي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا۔ميئر شهرين تي زور ڀري چيو ته هو غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ۽ رڳو اهم ڪم لاءِ ئي ٻاهر وڃن۔انتظامن بابت ڄاڻ ڏيندي، هن چيو ته سکر ۾ 42 ڊسپوزل اسٽيشن فعال ڪيا ويا آهن، جتي جنريٽرز اسٽينڊ باءِ تي رکيا ويا آهن۔ برساتي نالن ۽ زير زمين نالن جي مڪمل صفائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 31 حساس علائقن تي ڊي واٽرنگ مشينون لڳايون ويون آهن۔ميئر ارسلان شيخ ٻڌايو ته سڀني آفيسرن ۽ عملي جي موڪلن کي منسوخ ڪيو ويو آهي ته جيئن ايمرجنسي صورتحال ۾ فوري طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي۔سکر جو گھنٽه گھر علائقو انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي،
جتي ترقياتي ڪم آخري مرحلي ۾ آهي۔ جيڪڏهن 21 جولاءِ کان اڳ برسات ٿي ته مسئلا پيش اچي سگهن ٿا، جڏهن ته ان کانپوءِ ڪنهن به خطري جو امڪان ناهي۔برساتي نالن تي قبضا هڪ سنگين مسئلو بڻيل آهي، جنهن بابت چيف سيڪريٽري کي خط موڪليو ويو آهي۔ ميئر چيو ته قبضا ختم ڪري متاثر ماڻهن کي متبادل جاءِ ڏني ويندي۔آخر ۾ هن موسميات کاتي تي تنقيد ڪندي چيو ته سندن اڳڪٿيون درست نه آهن۔ “گذريل سال به ساڳي صورتحال هئي، ۽ اڃا تائين جديد سهولتون نه هجڻ جو ڪو جواب ناهي ڏنو ويو۔”
جُولاءِ 15, 2025