ڀان سيدآباد ۾ برسات کان پوءِ جي صورتحال، وڏي وزير جي نوٽيس تي ڊي سي ڄامشورو جو دورو، نيڪالي ۽ صفائي جي هدايت

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ :محمد صفر سيوھاڻي)ڀان سيدآباد ۾ برساتن کانپوء واري صورتحال: وڏي وزير سيد مرادعلي شاه شهر ۾ برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ جو نوٽيس ورتو، وڏي وزير سيد مرادعلي شاه جي خصوصي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري پاران ڀان سيدآباد شهر جو دورو، ڊي سي ڄامشورو شهر جي زنگيجا محلا، اسٽيشن محلا، مين روڊ سميت ٻين علائقن جو دورو ڪري مينھن جو پاڻي ۽ صفائي جي صورتحال جو جائزو ورتو،

 ڊي سي ڄامشورو پاران اسٽيشن محلا ڊرينيج اسڪيم جا موٽر بند هجڻ تي ٽائون آفيسر ڀان سيدآباد  مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ڊي سي ڄامشورو جو چوڻ ھئو تہ ڀان سيدآباد شهر جي مين روڊ تان برساتي پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي، ڪجهہ محلن ۾ پاڻي بيٺل هجڻ جون شڪايتون ڪيون آھن، مون سون برساتن دوران عوام کي تڪليفن جو احساس آهي،

 مان مڪمل رپورٽ ٺاهي وڏي وزير کي موڪليندس، ڀان سيدآباد شهر ۾ هن وقت صورتحال بهتر آهي، جتي پاڻي بيٺل آهي اتي مشينري لڳائي پاڻي نيڪال ڪرايو ويندو، هنگامي بنيادن تي ڊرينيج نالن ۽ ڊسپوزل جي صفائي ڪرائي وڃي تہ جيئن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء تيار رهجي: ڊي سي ڄامشورو جو وڌيڪ چوڻ ھئو تہ ڪنهن بہ صورت ۾ غفلت برداشت نہ ڪبي، غفلت ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو.

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو