سڪرنڊ: الخدمت فاؤنڊيشن پاران رضاڪارن لاءِ تربيتي ورڪشاپ، هنگامي حالتن ۾ خدمت لاءِ تياري تي زور

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ) الخدمت فاؤنڊيشن سڪرنڊ پاران رضاڪار اجلاس ۽ تربيتي ورڪشاپ الخدمت ڪمپليڪس ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف علائقن مان ايندڙ، مختلف حالتن ۾ خدمت جو تجربو ۽ جذبو رکندڙ رضاڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي الخدمت جي ريجنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪنور راشد مڪرّم چيو ته هنگامي حالتن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تربيت يافته رضاڪارن جي اهميت ڪڏهن به گهٽ نه ٿي سگهي ٿي. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل لکين مخلص ۽ باصلاحيت رضاڪار ئي الخدمت کي ٻين اين جي اوز کان ممتاز بڻائين ٿا.

ان موقعي تي، مون سون برساتن جي حوالي سان احتياطي تدبيرن تي ڳالهائيندي الخدمت سکرنڊ جي نائب صدر ۽ مڪاني ڊزاسٽر مينيجمينٽ ڪميٽي جي انچارج يونس راجپوت چيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کان اڳ احتياطي قدم کڻڻ سان پاڻ کي ۽ سماج کي وڏي نقصان کان بچائي سگهجي ٿو،

تنهن ڪري ضروري آهي ته ماڻهن ۾ احتياطي تدبيرن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شعور پيدا ڪري، انهن کي عمل ڪرڻ جي اهميت جو احساس ڏيارجي.اجلاس ۾ امير جماعت اسلامي سڪرنڊ راؤ زبير، الخدمت اڳواڻ  عرفان علي چانڊيو، عبدالرحمٰن راول، فيضان خانزادو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو