چيلهار: شادي شده ناري سان لڄالٽ ڪندڙ جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، ڪيس داخل

Spread the love

چيلهار ( رپورٽ :غلام رسول نھڙيو) چيلهار ويجهو شادي شده ناري سان لڄالٽ ڪندڙ جوابدار گرفتاري بعد ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، ڪيس داخل،  خبر موجب : چيلهار جي ڀيڀاڻي پاڙو ۾ جوابدار ڪرشن ڀيل زبردستي گهر اندر گهڙي 25 سالا شادي شده نار (م) سان لڄالٽ ڪئي،

واقعي کانپوء متاثر خاندان انصاف لاء مقامي پٽيلن وٽ دانهيندو رهيو پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيڻ بعد متاثر ناري (م) ۽ وارث دانهن کڻي ٿاڻي پهتا چيلهار پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس لڄالٽ جو داخل ڪري ورتو آهي جڏهن ته گرفتار جوابدار ڪرشن ڀيل پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي،

ناري جي ڏيئر جي فرياد تي داخل ايف آء آر ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته آئون ۽ منهنجو ڀاء ڪم سانگي ٻاهر ويل هئاسين ته جوابدار ڪرشن ڀيل رات جي انڌيري ۽ اڪيلائي جو فائدو وٺندي  گهر ۾ گهڙي پيو منهنجي ڀاء جي گهر واري سان لڄالٽ ڪئي ۽ خاموش رهڻ لاء ڌمڪيون ڏيئي هليو ويو

ٻي ڏينهن آئون ۽ منهنجو ڀاء گهر پهتاسين ته سموري حقيقت اسان کي ٻڌايائين اسان ڳوٺ جي چڱن مڙسن کي دانهن ڏني  پر جوابدار ڌر پنهنجي هٺ ۽ هوڏ تان نه لٿي تنهن ڪري مجبورن اسان ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ٿاڻي تي پهتا آهيون، اسان سان انصاف ٿيڻ کپي جڏهن ته پوليس ناري ۽ گرفتار جوابدار  جا جزا وٺي ليبارٽري اماڻي ڇڏيا آهن، ۽ گرفتار جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو