پلاٽ ڏيڻ جون دعوائون جعلي ثابت ٿيون، رڳو روڪ انعام ئي مليا: ارشد نديم

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اٿليٽ ارشد نديم انڪشاف ڪيو آهي ته گولڊ ميڊل کٽڻ کانپوءِ جن پلاٽن جا واعدا ڪيا ويا هئا، اُهي رڳو دعوائن تائين محدود رهيا، حقيقت ۾ کيس رڳو روڪ انعام ئي مليا آهن.
گذريل سال ارشد نديم 92.97 ميٽر جو شاندار ٿرو سان اولمپڪس جي تاريخ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪيو هو ۽ پاڪستان کي 40 سالن کانپوءِ اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل ڏياري تاريخ رقم ڪئي هئي.
ان شاندار ڪاميابي کان پوءِ هن سال به ارشد نديم ايشيائي اٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ گولڊ ميڊل کٽي، هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو.
ارشد نديم جي ان بهترين ڪارڪردگي تي ڪيترن ئي سرڪاري ۽ واپاري شخصيتن طرفان کيس انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، جن ۾ ڪروڙين رپين سان گڏوگڏ پلاٽن ۽ ٻين تحفن جو واعدو پڻ ڪيو ويو هو.
ويجهڙائي ”داستان ڊيجيٽل“ طرفان انسٽاگرام تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ جڏهن ارشد نديم کان پڇيو ويو ته ڇا کيس اِهي انعام مليا؟ جنهن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته روڪ انعام ته مليا آهن، پر پلاٽن جا واعدا رهيا.
هن چيو ته پلاٽن بابت ڪيل هڙئي واعدا ڪوڙا ثابت ٿيا.
ارشد نديم جو وڌيڪ جو چوڻ هو ته هو مستقبل ۾ به پاڪستان لاءِ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پوري دل سان محنت جاري رکندو ته جيئن ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي.