پيءُ طرفان مالي مدد کان انڪار، ڀارتي ماڊل زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) نوجوان ڀارتي ماڊل سان ريچل گانڌي مالي مسئلن سبب زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، سان ريچل ماڊلنگ جي دنيا جي مشهور شخصيت هئي، هوءَ ”ميس بيسٽ ايٽٽيٽيوڊ 2019“، ”مس ڊارڪ ڪوئين تامل ناڊو 2019“ ۽ ”ڪوئين آف مدراس 2022“ جا خطاب ماڻي چُڪي هئي.
ان کانسواءِ هن 2023ع ۾ مس آفريڪا جي مقابلي ۾ به ڀارت جي نمائندگي ڪئي هئي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سان ريچل مالي مسئلن جو شڪار هئي ۽ تازو ئي پنهنجي ڪيريئر کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجا ڳهه ڳٺا به وڪڻي ڇڏيا هئا.
رپورٽن موجب، ماڊل پانڊيچيري ۾ پنهنجي گهر ۾ نشي واريون گوريون کائي آپهگات ڪري ڇڏيو، آپگهات کان اڳ هن هڪ خط پڻ ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن لکيو ته ” منهنجي آپگهات جو ذميوار ڪنهن کي به نه سمجهيو وڃي.“
پرڏيهي ميڊيا موجب، سان ريچل خودڪشي کان اڳ پنهنجي والد کان مالي مدد جي درخواست به ڪئي هئي، پر پيءُ کيس مدد ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
ياد رهي ته ماڊل شادي شده هئي ۽ پوليس واقعي بابت مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.