ڄامشورو: سڱاوتي تڪرار تان جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ قتل، 8 زخمي، پوليس ڪارروائي ۾ مک جوابدار گرفتار

Spread the love

ڄامشورو(رپورٽ :محمد وارث)ڄامشورو ڳوٺ عبدالله چاوڙو ۾ سڱاوتي تڪرار تان جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾  لک پتي ھوٽل وٽ جيھڙو ٿي پيو  جهڙي ۾ فائرنگ سبب سيني ۾ گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو 60 سالا علي ولد سومر فقير موقعي تي قتل ٿي ويو جڏنھن تـ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾  حسن ولد علي گل محمد ولد علي گل اعجاز ولد محرم جمالي خان ولد دادلو جمالي دادلو ولد سومر فقير شامل جيھڙي ۾  فائرنگ  لٺيون پٿر سرون جي استعمال ڪيو ويو جهيڙي سبب سڄي شھر ۾ خوف حراس ڇائنچي ويو

سمورن زخمين کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمي اسپتال پھچڻ بعد اسپتال اندر ھڪ ڀيرو ٻيھر وري ٻن ڌرين ۾ پوليس هجڻ باوجود جيھڙو ٿي پيو ھو جڏنهن ته هڪ کي اسپتال مان گرفتار ڪيو ويو جمالي برادري جي ٿيل جيھڙي بعد ھڪ ڌر مٿان فائرنگ ڪري قتل ڪندڙ ٻئي ڌر جي مک جوابدارن زخمي اعجاز جمالي کي اسپتال مان گرفتار ڪرڻ جي دعوي۔ ڪئي آھي جڏھن تـ ٻن ڄڻن کي شھر جي چوڪي انچارج حسنين مھر جي اڳواڻي ۾ مانجنھد ڀرسان ناڪا بندي ڪندي ٻن جواببدار علي نواز جمالي علي مراد جمالي کي گرفتار ڪيو ويو آھي اھي چوڪي انچارج جو چوڻ آهي ته ٻئي جوابدار ان ڪيس جا مک جوابدار آھن

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو