مٺي: رامسنگهاڻي ڳوٺ جي رهواسين جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج، سرڪاري جاچ ۽ انصاف جو مطالبو

Spread the love

مٺي (ڊ-ر) مٺي تعلقي جي ڳوٺ رامسنگهاڻي جي رهواسين ڀڳڙو ميگهواڙ ۽ ٻين ڳوٺاڻن هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال سان گڏ پريس ڪلب مٺي پهچي دانهيندي چيو آھي ته منهنجي سروي زمين آھي جنهن تي مخالف مينهل. قمر الدين. شوڪت، محبت، نياز، علي خان، سوائي ٺڪر، مگهو،

 حشام ڀورو ۽ ٻيا قابض بڻجڻ چاهين ٿا ۽ هو اسان جي زمين کي اينيمي پراپرٽي ڄاڻائي بندش وجهرائي رهيا آھن جڏھن ته پاڻ اينيمي پراپرٽي ۽ يڪسالا ڪڍي زمين پوکي ڪري رهيا آھن انهن وٽ ڪابه اٿارٽي ناهي جڏھن ته منهنجي ٻني جو مون وٽ رڪارڊ موجود آھي انهي جي باوجود منهنجي ٻني تي بندش وڌي وئي آھي. هنن مطالبو ڪيو ته سرڪاري طور تي جاچ ڪري صحيح نموني جاچ ڪئي وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو