دادو ڀرسان شهيد پوليس اهلڪار ذوالفقار پنهور جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو لڳ خداآباد پوليس ٿاڻي اهلڪار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پنهور برادري پاران نثار پنھور، عبدالرشيد، غفار پنهور ڳوٺ مڏ شريف جي ڳوٺاڻن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مک ڪچهري روڊ تي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي قاتلن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪندا رهيا،
مظاهري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد پوليس اهلڪار ذوالفقار پنهور جي قتل کي ڏيڍ مهينو گذري ويو آھي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي اڃان تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور قاتلن جوابدارن کي گرفتار ڪري شھيد اهلڪارن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي،
جُولاءِ 15, 2025