نوابشاهه: حافظِ قرآن عورت تي اوباش مڙس جو تشدد، ٻارن سميت گهر مان ڪڍي طلاق، انصاف لاءِ اپيل

Spread the love

نوابشاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند)نوابشاهه جي هڪ اوباش ۽ شرابي نوجوان شاديءَ جهڙي مقدس رشتو کي گوڏا گوڏي جو راند سمجهي، ٻن معصوم نياڻين جي زندگي کي دوزخ بڻائي ڇڏيو. پهرين زال کي، جنهن سندس ڳجهي شاديءَ جو راز فاش ڪيو، طلاق ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ٻي زال، جيڪا حافظِ قرآن ۽ دين دار هئي، ٻن گل جهڙين نياڻين جي ڄمڻ بعد مبينا طور نشي جي حالت ۾ کيس طلاق ڏئي ڇڏي.

هاڻ اهو ذهني مريض نوجوان ٽين شادي لاءِ نئون جال وڇائڻ لڳو آهي. حافظِ قرآن عذرا اشتيـاق هڪ ٻي حوا جي ڌيءَ کي اهڙي اوباش ۽ شرابي شخص جي ظلم کان بچائڻ لاءِ لاڳاپيل پوليس آفيسرن کان قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب نوابشاهه واسڻ حافظِ قرآن عذرا اشتيـاق پنهنجي ڀائرن ۽ ڪائونسلر راشد قريشي سان گڏ نوابشاه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته مون ديني تعليم سان گڏوگڏ گريجوئيشن جي تعليم پڻ حاصل ڪئي آهي. منهنجي شادي منهنجي والدين 9 فيبروري 2022 تي بلال قريشي ولد محمد صديق قريشي سان ڪئي. شاديءَ کان صرف ڪجهه ڏينهن پوءِ خبر پئي ته بلال اڳ ئي ڪراچي جي ڇوڪري لائبه شفيق الدين سان شادي ڪري چڪو آهي. اهو راز شاديءَ جي ڏهين ڏينهن فاش ٿيو، جڏهن لائبه اسان جي گهر اچي شور شرابو ڪيو. ان واقعي بعد بلال کيس طلاق ڏئي ڇڏي.

ان واقعي کان پوءِ بلال جو رويو مون سان انتهائي خراب ٿي ويو. هن مون تي تشدد ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ سندس گهر وارا به ساڻس گڏ هئا. مان پنهنجن ٻارن خاطر هن جو ظلم سهندي رهيس. بلال بار بار مون کي ماريندي گهر مان ڪڍي ڇڏيندو هو. مان جڏهن به پنهنجي والدين کي شڪايت ڪندي هيس، ته هو مون کي واپس موڪليندا هئا ته “گهر بچايو.”

چند مهينا اڳ بلال مون تي شديد تشدد ڪيو. ان واقعي جي شڪايت منهنجي والد اشتيـاق پنهنجي برادري جي ڪائونسلر راشد قريشي کان ڪئي، جنهن بلال جي مامي سان ڳالهائي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو. بلال جي مامي جي يقين ڏيارڻ بعد ڪائونسلر راشد قريشي بلال کي نصيحت ڪئي ته عورتن تي هٿ کڻڻ مردانگي نه آهي، ۽ توکي پنهنجي زال ۽ ٻارن سان سٺي طريقي سان رهڻ گهرجي. پر وڏي ڳالهائڻ باوجود بلال جو ظلم ختم نه ٿيو، هو اڃا به تشدد ڪندو رهيو.9 جولاءِ جي رات بلال نشي جي حالت ۾ رات جو 2 وڳي گهر آيو، مون سان بنا ڪنهن سبب جي ويڙهه شروع ڪئي، نوبت ايتري تائين اچي پهتي جو ٻارن کي ڌڪ ڏئي، مون کي گهر مان ڪڍڻ لڳو. منهنجي منت سماجتن باوجود، هن منهنجي ديور ۽ جيٺ سان گڏجي مون تي تشدد ڪيو ۽ آخرڪار مون کي طلاق ڏئي، رات جي وقت دروازي تان ڌڪ ڏئي ڪڍي ڇڏيو.

مان پنهنجي ڀائرن کي فون ڪري پنهنجي حالتن کان آگاه ڪيو، جيڪي فوري طور تي پهچي ويا ۽ منهنجون نياڻيون واپس وٺي آيا. بلال منهنجي ڀائرن سان به ويڙھ ڪئي، جنهن دوران بلال کي گرڻ سبب چُٽ به لڳي. راشد قريشي جو انهي ويڙهه سان ڪو واسطو نه هو ۽ نه ئي هو اتي موجود هو. شايد الله تعاليٰ منهنجي حق ۾ انهي طلاق ۾ بهتري رکي هئي.

عذرا اشتيـاق، جيڪا حافظِ قرآن آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ، عورتن جي حقن جي تحفظ وارن ادارن، ايس ايس پي شبير احمد سيٺار ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مون کي ۽ منهنجي معصوم نياڻين کي بلال قريشي ۽ سندس گهر وارن جي ظلمن کان تحفظ ڏنو وڃي ۽ قانوني ڪارروائي ڪندي انصاف ڏياريو وڃي.

ڪائونسلر راشد قريشي چيو ته پيپلز پارٽي هميشه مظلومن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ عورتن جي عزت ڪئي آهي. اسان بلاول ڀٽو ۽ بي بي آصفه جي قيادت ۾ مظلوم عورتن سان گڏ آهيون. بلال قريشي اوباش ۽ نشي جو عادي نوجوان آهي، جنهن ٻن معصوم عورتن جي زندگين کي دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي. منهنجي والدين کي اپيل آهي ته هو پنهنجي ڌيئرن جا رشتا ڏيڻ وقت جلد بازي نه ڪن، پر نر جي باري ۾ مڪمل جاچ پڙتال بعد فيصلا ڪن ته جيئن ڪنهن ٻي حوا جي ڌيءَ جي زندگي نه برباد ٿئي.

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو