سڪرنڊ: گندي پاڻي ۽ ڪچري خلاف شهرين جو ٽائون ڪاميٽي اڳيان احتجاج، مستقل نيڪال جو مطالبو

Spread the love

سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ)اڄ چوٿين ڏينهن به سڪرنڊ شهر جي عظيم، ڪالوني، عباس ٽائون، سيد شبير احمد شاه سٽي ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۽ شهر جو ڪچرو ڪالونين ۽ محلن ۾ اڇلائڻ خلاف رهواسين ڪشمير خان ڪيريو، غلام مهدي، جاني مغل، استاد علي اڪبر چانڊيو، فوجي مراد ڪيريو، شاه نواز مري، گلزار رند، ايوب کوسو، جنيد جمالي ۽ ٻين پاران ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي گيٽ اڳيان بک هڙتال ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو.

 ان موقعي تي هنن چيو ته گندي پاڻيءَ سبب جر جو پاڻي خراب ٿي ويو آهي. مڇرن ۽ مکين سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين ۾ ماڻھو وٺجي ويا آهن. انڪري اسان چاهيون ٿا ته گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو مستقل بندوبست ڪيو وڃي. جنهن لاءِ پبلڪ هيلٿ اٿارٽي، ايم اين اي سيد غلام مصطفٰى شاه، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته عارضي حل بجاءِ مسئلو مستقل طور حل ڪيو وڃي.

هنن چيو ته موسميات کاتي پاران تيز برساتن جي آگاهي ڏني وئي آهي اگر نيڪال جو جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو ته ڪالونيون مڪمل طور تي ٻڏي وينديون ۽ ماڻھن جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيندو. هنن چيو ته مسئلو حل ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو