دادو: مديني ۾ مقيم علي اصغر چنا جو وڊيو بيان، هٿياربندن جي گهر تي حملو، قيمتي سامان لٽجڻ خلاف انصاف جي اپيل

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) مديني ۾ مقيم دادو واسي علي اصغر چنا جو وڊيو بيان، هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 5 تولا سون، سولر سسٽم ۽ قيمتي سامان لٽي ويا انصاف جي اپيل  دادو ضلعي جي علائقي چودگي ويجهو ڳوٺ محمد يوسف چنه ڪڪڙ سان تعلق رکندڙ علي اصغر ولد محمد يوسف چنا جيڪو گذريل 5 سالن کان سعودي عرب جي شهر مديني ۾ روزگار سان وابسته آهي،

پنهنجي ڳوٺ يوسف چنہ جي ڪجهه ماڻهن تي گهر تي هٿياربند حملو ڪرڻ ۽ قيمتي سامان لٽڻ جو وڊيو بيان ذريعي الزام لڳايو آهي علي اصغر چنا، ميڊيا سان رابطو ڪندي ٻڌايو ته 12 جولاءِ 2025 تي سندس ئي ڳوٺ جي ماڻهن، جن ۾ صدام حسين، مظهر علي، دلبر، فيض محمد، سڪندر، آفتاب، اشفاق ۽ اظهار علي شامل آهن،

 سندس گهر تي غير قانوني هٿيارن سان حملو ڪري گهيرو ڪيو حملي دوران هوائي فائرنگ ڪئي وئي ۽ سندس پوڙهي ماءُ سميت سڀني گهر وارن کي گهر مان زبردستي ڪڍي ڇڏيو هن الزام لڳايو ته جوابدارن سندس گهر جا ٽي ڪمرا مڪمل طور ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، ان جي ڇتون پٽي ڊاهي ڇڏيون ۽ گهر مان 5 تولا سون، 5 سولر پينل، 2 کان 3 انورٽر ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا آهن جنهن جا سمورا ثبوت موجود آهن.

 علي اصغر موجب سندس 16 پليٽن تي ٻڌل مڪمل سولر سسٽم به تباهه ڪيو ويو ۽ جوابدارن هٿيار ڏيکاري سندس ننڍڙن ٻارڙن سمیت سموري ڳوٺ ۾ دهشت فهلائي علي اصغر چيو ته جوابدار اڳ به ڪرمنل رڪارڊ رکن ٿا ۽ انهن خلاف اڳ ۾ به پي ايس ڪڪڙ دادو تي ڪيس داخل آهن. هاڻ هو پوليس تي به ڪوڙا الزام لڳائي رهيا آهن

پوليس پاران اسان مٿان ڪو به ظلم نه ڪيو ويو آهي مٿي ڄاڻائل ڏوهارين خلاف پوليس کي ڪاروائي جي درخواست ڏني آهي ته هو پوليس تي ڪوڙا الزام لڳائي رهيا آهن هن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مقامي سطح تي انصاف نه مليو ته هو سعودي حڪومت کان به مدد وٺڻ جو حق محفوظ رکي ٿو

جُولاءِ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو