مخالف ڌر جو حق تسليم ڪيو، هاڻي هائوس جي حرمت بابت سڀ ڪجهه لکت ۾ طئي ٿيندو:ملڪ احمد خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان چيو آهي ته اسان مخالف ڌر جو حق تسليم ڪيو آهي، هاڻ ايوان جي حرمت بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو لکت ۾ ٿيندو.
لاهور ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ملڪ احمد خان چيو ته اسپيڪر جو ڪم هوندو آهي ته هو سوال اُٿڻ تي فيصلو ڪري، رولز جي تحت ئي مخالف ڌر جي ميمبرن کي معطل ڪيو ويو، اسپيڪر نااهلي جو فيصلو نه ڪري ته 30 ڏينهن کانپوءِ اِهو معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن هليو ويندو.
سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر جا ميمبر اسيمبلي آيا، جيڪو سٺو قدم آهي، احمد خان ڀچر چيو ته موقعو ڏيو ته وڪيلن سان تياري ڪري معاملو حل ڪريون، انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي ٻنهي ڌرين جو اتفاق ٿي ويو آهي، هاڻ پنجاب اسيمبلي ۾ ٻنهي پاسي برابر حق هوندا.
مخالف ڌر جي 26 ميمبرن جي معطلي وارو معاملو
ملڪ احمد خان چيو ته مخالف ڌر جو حق تسليم ڪيو ويو آهي، احتجاج جي اجازت ڏيندس پر آئين جي پاسداري ضروري آهي.
هن چيو ته احتجاج دوران جهيڙي يا جٿن جي صورت ۾ ناڻي واري وزير مٿان ڪتاب نه اُڇلايو، حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي کي معاهدو لکت ۾ پيش ڪرڻو پوندو، ايوان جي حرمت بابت جيڪو به طئي ٿيندو، اهو لکت ۾ طئي ٿيندو، في الحال ڪو به فيصلو نه ڪندس، ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر مخالف ڌر جي ميمبرن جي معطلي بابت مون کي خط لکيو آهي، پر هو پاڻ هڪ سياسي پارٽي جي احتجاج جو حصو بڻجي چڪو آهي.