اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ورڇ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪشن ڪميشن مخصوص نشستن جي ورڇ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو .
چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جمعيت علماءِ اسلام ۽ مسلم ليگ (ن) جا وڪيل اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيا ۽ پنهنجا دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران مسلم ليگ (ن) جي وڪيل چيو ته جڏهن جي يو آءِ ۽ اسان جون سيٽون برابر آهن ته مخصوص سيٽون ڪيئن برابر نٿيون ٿي سگهن ٿيون؟ منهنجي اميدوار کي ووٽ جي حق کان ڪيئن محروم رکيو وڃي؟ اسان جون 8 ۽ جي يو آءِ جون 10 سيٽون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟
وڪيل وڌيڪ چيو ته ٻنهي پارٽين کي 9،9 سيٽون ملڻ گهرجن ها، قانون موجب جيڪڏهن سيٽون برابر هجن ته ٽاس ذريعي فيصلو ٿي سگهي ٿو، اسين به برابر هجڻ جي صورت ۾ ٽاس جي استدعا ڪيون ٿا.
ان موقعي تي جي يو آءِ جي وڪيل، ڪامران مرتضىٰ چيو ته جيڪڏهن 16 فيبروري تائين طارق اعواڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي وڃي ها ته هو به شامل هجي ها.
سندس چوڻ هوته هڪ سيٽ جي ڪري سڄي ملڪ ۾ مخصوص سيٽن وارو مامرو ٻيهر اُٿي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي مخصوص سيٽن جا نوٽيفڪيشن واپس ٿي سگهن ٿا.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور هاءِ ڪورٽ، مسلم ليگ (ن) جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن کي مخصوص سيٽن جي ورڇ لاءِ نئين فهرست جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

جُولاءِ 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو